درسگاهه هاشميه

درسـگاهه هـاشـمـيـه: مـخـدوم مـحـمـد هـاشـم ٺـٽـويءَ جـو مـدرسـو ’دارالعلوم هاشميه‘ جي نالي سان سنڌ ۾ گهڻو مشهور هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي اعليٰ پايي جو عالم ۽ محدث ٿي گذريو آهي، جنهن پهرين ميرپور بٺوري جي ڀرسان بهرام پور ۾ مدرسو قائم ڪيو، ڪجهه عرصي تائين اتي ديني تعليم جي درس ڏيڻ سان گڏ غير شرعي رسمن خلاف پرچار ڪندو رهيو. ان کان پوءِ بهرام پور ڇڏي ٺٽي ۾ رهائش پذير ٿيو، جتي ’دارالعلوم هاشميه‘ جي نالي سان مدرسو قائم ڪيائين، جنهن بعد سندس علم جي ساک دور دراز تائين پکڙجي وئي ۽ ڪيترا طالب علم سندس علمي فيض مان فيضياب ٿيا. سندس مدرسي مان سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جا ڪيترا شاگرد پڙهي وڏا فقيھ ۽ محدث ٿي نڪتا، جن مان گهڻن جا نالا تاريخ جي ورقن ۾ دٻجي ويا. سندس وڏو پٽ مخدوم عبدالرحمان، فقھ ۽ حديث جو وڏو ماهر هو، جنهن پنهنجي والد کان تعليم حاصل ڪئي هئي. سندس ٻيو پٽ مخدوم عبداللطيف، جيڪو والد جي وفات بعد مسند نشين ٿيو ۽ والد جي مدرسي ۾ درس جو علم شروع ڪيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو